پليو لغاري2

پليو لغاري2 (ڳوٺ): هي ڳوٺ تعلقي سنجهوري جي ديهه ’ڪُنرو‘ ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ کان هڪ ڪلوميٽر کن اوڀر ۾ واقع آهي. هتي بوائز ۽ گرلس پرائمري اسڪول سان گڏ زندگيءَ جون اڪثر سهوليتون موجود آهن. هتي ’تاري واڻيي‘ جي تاريخي ماڙي اڄ تائين موجود آهي، جيڪا هن ورهاڱي کان اڳ ٺهرائي هئي ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ آڳاٽين عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ جڳ مشهور عالم ۽ لوڪ ادب ۽ لطيف شناسيءَ جي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پرائمري تعليم حاصل ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو